سليمان راڄ خليفو

سليمان راڄ خليفو

سليمان راڄڙ خليفو

سليمان راڄڙ، خليفو: سنڌ جي مقبول ملهه پهلوان خليفي سليمان راڄڙ، 19 جون 1929ع تي ڳوٺ ڊيٻي، ضلعي عمر ڪوٽ ۾، خليفي حاجي عبدالله فقير راڄڙ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن جا والدين مالوند هئا. تعليم جو رجحان گھٽ هئڻ ۽ اسڪول جي اڻهوند سبب سليمان راڄڙ تعليم پرائي نه سگھيو ۽ ننڍپڻ کان ئي مال چارڻ لڳو. هن وٽ مينهن جو ڌڻ هوندو هو، مال چارڻ دوران هو ڌنارن سان گڏ ملهه، ڪوڏي ڪوڏي، ونجھوٽي، ٻيلهاڙو ۽ ٻيون رانديون ڪندو هو. هڪ ڌنار ’عليو نهڙي‘ ملهه جو ڄاڻو هو، جنهن سان سليمان راڄڙ جو مقابلو ٿيو ۽ علي راڄڙ کي ملهه ماري وڌي. هڪ ڀيري صوفي صادق فقير جي سالياني ميلي ۾ سليمان راڄڙ دوستن سان گڏ ملاکڙو ڏسڻ ويو ته جتي عليي نهڙي جي چرچ تي پهلوان ٻڍي مڱڻهار کيس ملاکڙي ۾ لاٿو، ان وقت سندس عمر 15 سال هئي. هن ٻڍي مڱڻهار، الهورايي هلائي ۽ ولو شيديءَ سميت 6 پهلوانن کي ملهه ماري ميدان کٽيو. ان کانپوءِ هن پهلوان حبيب خاصخيليءَ کان باقاعدي ملهه جي سکيا ورتي، علي خان ڪهيريءَ کان به سکيا ورتائين. ٻنهي استادن کان ملهه جا انگ سکي، جانٺي ۽ واري ۾ نالو ڪڍيائين. گڏوگڏ اندرين، ٻلهڻ، پٺو، اڌڪ ۽ ٻيا ڪيترا ملهه جا انگ به سکيو. والدين سندس شوق جو قدر ڪندا هئا.
سليمان راڄڙ ٽي سال ٽئين جوڙ ۾ وڙهيو ۽ 100 کن ملهه پهلوانن سان مقابلو ڪيائين. 14 آگسٽ 1948ع تي ڍوري ناري ۾ ’جشن پاڪستان‘ نالي ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ هن مشهور پهلوان محمد علي ماڇيءَ جي پٽن: لوٽُو ماڇيءَ ۽ سندس ڀاءُ کي ملهه ماري. ملاکڙي ۾ ٽئي ڏينهن هن جا مختلف ملهن سان مقابلا ٿيا، پر سوڀارو رهيو. ٽئين جوڙ کانپوءِ ٻئي جوڙ ۾ ٻه سال ملهه وڙهيو. هڪ ڀيري صوفي صادق جي ميلي ۾ ملاکڙي دوران صوفي عبدالستار جي چوڻ تي پهرئين جوڙ جي ملهه شفيع محمد سان مقابلو ڪري، ميدان ملهايائين ۽ پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿي ويو. هٿونگي جي ملاکڙي ۾ سڀني پهلوانن کي چئلينج ڪندڙ ساجن بگٽيءَ کي سليمان راڄڙ ٻئي ملهون ماري ميدان کٽيو. هن ٿر جي مشهور پهلوان عالم چني سميت سنڌ جي ٻين نام ڪٺين ملهن کي شڪست ڏني. کيس پهريون ڀيرو سوڍي خاصخيليءَ صوفي فقير جي ملاکڙي ۾ ملهه ماري.
سليمان راڄڙ ڀٽ شاهه، سمن سرڪار، غلام شاهه، پير پٿوري، شو مندر، عيسن شاهه، ميين جان محمد، گجوراڻي، صوفي فقير، لشڪر شاهه ۽ ٻين وڏن ملاکڙن ۾ هميشه سوڀ حاصل ڪئي.
پيءُ جي وفات کانپوءِ سليمان راڄڙ، درگاهه روضي ڌڻيءَ جو خليفو مقرر ٿيو. 1965ع واري هند- پاڪ جنگ ۾ سليمان راڄڙ مجاهد فورس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ فقير محمد امين مڱريي شهيد جي ڪمان ۾ پيرائو واري سرحد تي ڀارتي فوج سان مهاڏو اٽڪايائين.
سليمان راڄڙ جي پهلوانيءَ جي هاڪ سنڌ کان ٻاهر راجسٿان واري علائقي تائين وڃي پهتي، جتي کيس ’سليمان ملهه‘ طور سڃاتو ويندو هو. خليفي سليمان، فقير مگهن مڱريي جي پيءُ ۽ حر جماعت جي مکيه اڳواڻ فقير ترڪيي مڱريي کي ملهه جي سکيا ڏني. جماعتي ۽ زمينداري سرگرمين سبب سليمان راڄڙ 1970ع ڌاري ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني.
کيس چئن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي ۽ هن وقت 85 سالن جي ڄمار ۾، صوفي فقير ڀرسان پنهنجي نالي سان قائم ڳوٺ ۾ زمينداري ڪري ٿو ۽ اڄ به ملهه پهلوانن جو قدردان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.06.19  عيسوي

سنڌ جي مقبول ملهه پهلوان خليفي سليمان راڄڙ، 19 جون 1929ع تي ڳوٺ ڊيٻي، ضلعي عمر ڪوٽ ۾، خليفي حاجي عبدالله فقير راڄڙ جي گھر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير صدرالدين
پلي عزيز
عبدالمجيد جمالي
حاجي شفيع محمد مسجدي
درٻيلوي شيخ حميد
سيد حاجي مهر علي شاهه
اليگزينڊر ڪننگھام
اسراني
ڀڳت تيرٿ گر
شفيع محمد شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون